عبداللطيف لغاري

عبداللطيف لغاري

عبداللطيف لغاري

عبداللطيف لغاري (سُگهڙ): عبداللطيف ولد شهمير خان لغاري بلوچ 1956ع ۾ ڳوٺ مولوي خير محمد احمداڻي تعلقي ۽ ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو. هن پرائمري ۾ پنج درجا سنڌي ۽ ان سان گڏ ديني تعليم به پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ اباڻي ڪِرت هارپو ۽ مزدوري ڪيائين. ڳجهارت، ڏهس ۽ سينگار جي وڏن سُگهڙن ۾ شمار ٿئي ٿو. ميلن، ملاکڙن، مچ ڪچهرين، شادين ۽ ٻين ثقافتي پروگرامن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو رهي ٿو. هيءُ سنڌي ٽي. وي چينلز، پي. ٽي. وي ۽ ريڊيو تي به پروگرام ڪري چڪو آهي. عبداللطيف لغاري سنڌ جي مشهور سگهڙن عزيز الله خان لغاري مرحوم، حاجي مينهون خان لغاري مرحوم ۽ چاندي فقير چانڊيو مرحوم کي پنهنجو استاد مڃي ٿو. هي هن وقت ڳوٺ سرينواري، تعلقه سانگهڙ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ عبداللطيف لغاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو